اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غير??ئي??ي قدم ??ي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ ??ي موقعي تي اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي ??ي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پ??وگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختيار?? جي حق ??ي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير??ئي??ي قدم ??ي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پ??رٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير ??ي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي دهشتگرد?? جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي ??ي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموش?? جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پ??ڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي مود?? جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽ?? جي حڪومت ڀارتي ??ئي?? جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
پاڪستان اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں