اسلام آباد – 01 – آگ??ٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگ??ٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏينهن کي ا??تح??ال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگ??ٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ منصوبابندي طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غيرقانوني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قا??ض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامي??ب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ڪشمير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان ن?? ڪيٻائيندا.
پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي: شيخ عبدالمتين
مضمون کا ماخذ : ریل رش