اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي المناڪ سانحي ۾ زنده بچي ويل شاگرد احمد نواز جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجڻ قابل فخر ۽ نوجوان لاءِ قابل تقليد مثال آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ته احمد نواز جو سفر عزم ۽ ارادي جي قوت جو اعلي مثال آهي. هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي المناڪ سانحي ۾ زنده بچي ويل شاگرد احمد نواز آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجي اسان جي نوجوانن لاءِ پيروي ڪرڻ جهڙو مثال قائم ڪيو آهي، پاڪستان کي احمد نواز تي فخر آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی