اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سڄي ملڪ ۾ پيغام پاڪستان ضابطه اخلاق ??ي عملدرآمد جي اعلان کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آه?? ته اسلام سلامتي، امن، ڀائيچاري، صبر، برداشت ۽ عدم تشدد جو مذهب آه??، فرقيواراڻي نفرت، هٿياربند فرقيوراڻي وڳوڙن ۽ طاقت جي زور تي پنهنجا نظريا ٻين تي مڙهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي مذهبي هم آه??گي ۽ وچ اوڀر ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آه??، ان ڏس ۾ پاڪستان علماءُ ڪائونسل ۽ متحده علماءُ بورڊ جو ملڪ ۾ مهذهبي هم آه??گي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ ڪردار واکاڻ جوڳو آه??. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مذهبي هم آه??گي جي فروغ لاءِ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آه??. هن چيو ته ڪجهه عنصر ملڪ ۾ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ لاءِ ملڪ دشمن قوتن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آه??، اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ان موقعي تي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته شريعت لاڳو ڪرڻ جي نالي تي طاقت جو استعمال، رياست جي خلاف هٿياربند محاذ آرائي، تخريبڪاري ۽ فساد ۽ دهشتگردي جون سموريون صورتون شريعت جي لحاظ کان حرام آه??، هن چيو ته سمورن مسلڪن جا عالم ۽ مفتي انتهاپسنداڻي سوچ ۽ شدت پسندي کي رد ڪن ٿا، محرم الحرام دوران امن ۽ امان کي هر صورت ?? برقرار رکيو ويندو، ملاقات دوران ملڪ ۾ محرم الحرام جي دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن تي پيغام پاڪستان ضابطه اخلاق ??ي عملدرآمد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اسلام سلامتي، امن، ڀائيچاري، صبر، برداشت ۽ عدم تشدد جو مذهب آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن