اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان حڪومت جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي تعليم، صحت، غربت جي خاتمي سميت ڪيترن ئي شعبن تي ٻڌل ٺوس پروگرام قوم آڏو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته درپيش مشڪل حالتن جي باوجود ايندڙ ڪ??هه مهينن ۾ واضح تبديلي نظر ايندي. هن اها ڳالهه ليکڪن تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وز??را??ظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اهم ملڪي معاملن ۽ حڪومتي پاليسين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وز??را??ظم چيو ته موجوده حڪومت پنهنجا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي تعليم، صحت، غربت جي خاتمي ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن سان تفصيلي ۽ ٺوس پروگرام قوم آڏو پيش ڪندي. ڪنهن به حڪومت ۾ پهريان 100 ڏينهن حڪومت جي ايندڙ رخ جو تعين ڪندا آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان