رحيم يار خان – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عوام کي ص??ت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ ان لاءِ اڌ بجيٽ به خرچ ??رڻي پئي ته ڪنداسين، دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي، ڪراچي جي حالتن ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪيو. هن اها ڳالهه هتي وزيراعظم جي قومي ص??ت پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم مستحق ماڻهن ۾ قومي ص??ت ڪارڊ ورهائي پنجاب ۾ ان پروگرام جو باضابطه آغاز ڪيو، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته مون کي خوشي آهي ته قومي ص??ت پروگرام جو آغاز رحيم يار خان ۾ به ٿي رهيو آهي ۽ هي پروگرام آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پکڙجي رهيو آهي، 31 ڊسمبر 2015ع ۾ هي پروگرام شروع ڪيو ويو هو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ