گڏيل قومون-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش چيو آھي ته اسرائي??، آمريڪا ۽ فرانس جي جنگبندي جي تجويز کي رد ڪندي نه رڳو پنھنجن حملن ۾ شدت پيدا آڻي لب??ان جي گادي واري شھر بيروت سميت سڄي ملڪ ۾ فضائي حملا ڪيا آھن پر ڏکڻ لب??ان ۾ زميني فوجي ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. لب??ان ۾ اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور لاءِ سڏايل سلامتي ڪائونسل جي ھنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري چيو ته تڪرار جي شدت ۾ اضافو علائقي جي ماڻھن کي تيزي سان بدحالي ۽ زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھي. ھن چيو ته ھاڻ ان غيرانساني صورتحال کي ختم ??رڻ جو وقت اچي ويو آھي. ھن چيو ته ھڪ ڇڪتاڻ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. ھن عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ انھن وٽ تمام گھٽ وقت بچيو آھي. ھن چيو ته اسرائيل ۽ لب??ان جي سرحد تي ڪيترين سالن کان تڪرار جاري آھي، پر گذريل سال آڪٽوبر ۾ سياسي تڪرار جي شدت ۾ اضافو ٿيو آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ڊامائي انداز ۾ وڌي وئي آھي.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري وٽ گھٽ وقت آھي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس