جڪارتا-22 مارچ (اي پي پي) انڊونيشيا سولاويسي سمنڊ مان فلپائن جي هڪ غير قانوني ماهيگيري جي جهاز ۽ ان جي عملي جي 4 ميمبرن کي پڪڙي ورتو آهي. شنهوا موجب انڊونيشيا ۾ بحري وسيلن ۽ ماهيگيري جي نگران جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل پنگ نوگر وهوسا ڪسونو ميڊيا کي ٻڌايو ته هي بحري جهاز ان وقت پڪڙيو ويو جڏهن اهو فلپائن جي جنرل سانتوس شهر ۾ تقريبن 2 ٽن مڇي غير قانوني طور تي کڻي وڃي ره??و هو. هن ٻڌايو ته ا?? جهاز 2022ع کان ما??چ 2024ع تائين انڊونيشيا کان فلپائن تائين غير قانوني طور تي مڇين جي منتقلي شروع ڪئي جنهن سان انڊونيشيا کي تقريبن 90000 آمريڪي ڊالر تائين جو نقصان ٿيو. هن ٻڌايو ته اسان انڊونيشيا جي ماهيگيري جي وسيلن جي خودمختياري کي برقرار رکڻ ۽ غير قانوني ماهيگيري ڪندڙ ماڻهن کي هڪ مضبوط پيغام ڏيڻ لاءِ سنجيده آ??يو?? ته اسان سخت ڪارروائي ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ