گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آ?? ڊبليو اي) چيو آهي ته غزه جون ??التون ??ازن ڄاول ٻارن لاءِ موزون ناهن رهيون. العربيه نيوز موجب يو اين آ?? ڊبليو اي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسان جي بهادر عورت هليٿ ورڪرز غزه ۾ هن وقت تائين محفوظ رهيل آپريشنل هليٿ سينٽرز ۽ اسان جي قائم ڪيل پناهگاهن ۾ ويم کانپوءِ يا ويم د??ران طبي صورتحال جو شڪار ڳورهاري عورتن جي سارسنڀال ڪري رهيون ??هن. اداري واضح ڪيو آهي ته انهن عورتن کي فوري طبي سارسنڀال ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي ايجنسي جو هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون ??يا جڏهن گذريل 24 ڪلاڪ?? ۾ ??سرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن کانپوءِ غزم شهيدن جو ڪل تعداد 20 هزار 700 ٿي ويو آهي. فلسطي?? ۾ ??رگرم ڊفنس فار چلڊرين نالي اين جي او موجب اسرائيلي فوج جي بربريت جي نتيجي ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ ساڍا 8 هزار کان وڌيڪ فسلطيني ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
غزه جون حالتون تازن ڄاول ٻارن لاءِ موزون ناهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی