بيجنگ -16 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي ۽ ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڪالهه ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وچ اوڀر جي موجوده صورتحال کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته غزه ۾ شهرين تي حملن جي روڪٿام ۽ انساني بحران کي گهٽائڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن. ايران هن م??ئلي کي سياسي طريقن سان حل ڪرڻ ۽ ان م??امل?? تي چين سان رابطي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي. ان موقع?? تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو ته چين فلسطين م??ئل?? تي اتحاد ۽ هم آهنگي کي مصبوط بڻائڻ ۽ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ اسلامي ملڪن جي حمايت ڪري ٿو. بين الاقوامي برادري کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان عام شهرين کي ن??صا?? نه پهچي، اولين ترجيح صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ ۽ غزه ۾ هڪ انساني تباهي کي روڪڻ آهي. جنهن ۾ بي گناهه شهري قتل ٿي رهيا آهن. علائقائي امن کي ن??صا?? پهچي رهيو آهي. وچ اوڀر جي امن عمل کي تباهي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پنهنجي دفاع جو حق عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانونن م??ابق استعمال ڪرڻ گهرجي، تشدد جو جواب تشدد سان ڏيڻ سان ن??صا?? پهچي ٿو جيڪو وڌيڪ بحرانن جو سبب بڻجي ٿو.
چين ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ