اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قطر ??ي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر ??ي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي قطر?? قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ??اڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطر?? قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي قطري سفير جا ٿورا مڃيا. هن ??طر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ ??اپ??ر، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عقيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ