اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي جي فروغ لاءِ جامع ڪوششن تي زور ڏيندي سمورين ڌرين کي چيو آهي ته هو آبادي بابت ايڪشن پلان تحت مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ملڪ ۾ آبادي ۾ خطرناڪ اضافي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي پنجين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجل??س ۾ وز??را??ظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، سنڌ جي صحت وا??ي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو، پنجاب جي آبادي وا??ي وزير ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، پنجاب جي چيف سيڪريٽ??ي وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪ??ي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي صوبائي چيف سيڪريٽرين، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل اسلام آباد ڊاڪٽر سبينه دراني ۽ يو اين ايف پي اي جي ڪنٽري ري پريزنٽو ڊاڪٽر زيبا ستار، ٽيڪنيڪل ماهرن، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن اجل??س ۾ شرڪت ڪ??ي. قومي صحت وا??ي وزارت آبادي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي چوٿين اجل??س ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، اجل??س ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتون وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهيون آهن، ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪري رهيون آهن ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي لاءِ انساني وسيلن کي تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون، اجل??س ۾ اهو به ٻڌايو يو ته عالم سڳورن، خطيبن ۽ مذهبي اڳواڻن کي خاص طور تي پنجاب صوبي ۾ پنهنجي خطبن ۾ صحت مند خاندان جي فروغ لاءِ حصيدار بڻايو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالم سڳورا پنهنجي جمعي جي خطبن ۽ ميڊيا پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ خانداني منصوبابندي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن صوبائي حڪومتن کي جامع سوچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي ۽ چيو ته هو خانداني منصوبابندي جي باري ۾ پنهنجي حڪمت بابت پنهنجي مهارتن، تحقيق ۽ تجربن کان هڪ ٻي کي آگاهه ڪن، هن عالمي ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ق??مي صحت وا??ي وزارت ۽ يو اين ايف پي اي جي واکاڻ ڪئي.
ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع ڪوششُون ڪيُون وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : رومن دولت