اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قو??ن جي پ??اه??يرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قو??ن جي پ??اه??يرن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪست??ن افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنه?? گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان پ??اه??يرن جي ميزباني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪست??ن افغان پ??اه??يرن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي افغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان لکين افغان پ??اه??يرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر فلپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل تازي انساني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قو??ن جي پ??اه??يرن بابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان پ??اه??يرن جي ميزباني ۽ افغانستان ۾ انساني امداد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.
افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia