اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي تر??ي ۾ نوجوان پارليامينٽرين جو ڪردار اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ملڪي آبادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي تر??ي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ينگ پارليامينٽري فورم (وائي پيف ايف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پائيدار سماجي تر??ي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي ??چ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي تر??ي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پارليامينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن شرڪت کي وڌيڪ معنيٰ خي?? بڻائي سگهجي.
ملڪ جي ترقي ۾ نوجوان پارليامينٽرين جو ڪردار اهم هوندو آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی