اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان تعليم سان گڏوگڏ ??خلاقي قدرن ۽ تربيت تي ڌيان ڏئي مسلمان امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن علي ڳڙهه انوورسٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته تعليم سان گڏ ??ربيت جي فراهمي جي لاءِ هي قدم ساراهه جوڳو آهي، هن اداري جو قيام تاريخ جي بنياد تي عمل ۾ آندو پيو وڃي، قومن جي ترقي ۾ تعليم، تربيت ۽ قدر?? جو اهم حصو هوندو آهي. هن چيو ته علم سان نسل درنسل معلومات جو ??زانو منتقل ٿئي ٿو. هن چيو ته 16 هين کان 18 هين صدي دوران ڀارت پيداواريت جي حوالي سان اهم خطو هو، اهو خطو علم ۽ ف?? جو گهوارو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ڦرلٽ جو ??ازار گرم ڪيو، غدارن ا?? جو ساٿ ڏنو، 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾ مسلمان?? جو قتلام ڪيو ويو، ان صورتحال جي ڏس ۾ سر ??يد احمد خان چيو ته مسلمان جيڪڏهن علم کان پري رهندا ته اهي دنيا جي اندر پنهنجو مقام حاصل نه ڪري سگهندا، هن مسلمانن تي علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سوچ ۾ تبديلي ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي جو وڏو حصو آهي.
پاڪستان مسلمان امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ