اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي ??وشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي ??وام کي ??لي?? جي فراهمي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، زميني حقيقتن موجب جامع ڊيٽا هر زندگي جي ??عبي بابت فيصلاسازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي ??وري جي موقعي تي بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. وفاقي وزير کي ڳڻپ واري ڊويزن جي ??ملدارن پاران ضروري شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن بابت بريفنگ ڏني، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هر وزارت جو پنهنجو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو نظام هجڻ گهرجي، سينٽرلائزڊ ڊيٽا سان ڳنڍيل هجي، جامع ڊيٽا سان ضروري شين جي گهرج، پهچ، پيداوار، ذخيري، آمد??ي واپار ۽ روانگي واپار جي هدفن جو پتو پئجي ??گهندو، بار ڪوڊنگ سان اسمگلنگ جي ??وڪٿام ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته جامع ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجيڪل، افرادي قوت سميت هر طريقيڪار جو استعمال ڪيو وڃي. جامع ڊيٽا، انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.
وزيراعظم جي ويزن جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا