پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خي??رپختونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ ??ي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪو??ت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خي??لن جو اظه??ر هن حيات آباد ميڊيڪل ??امپليڪس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خي??رپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان موقعي تي خي??رپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خي??رپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.
وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ