اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار راءِ تي ڪا به پابندي نه آهي، نيب جي حراست هيٺ ڪيسن ??ي منهن ڏيڻ ۽ پروڊڪشن آرڊرز تي پارليامينٽ ۾ ايندڙ اسيمبلي ميمبرن تي قانون ۽ قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ٿيندا آهن. پي??را جو ضابطه اخ??اق ۽ قانون به جاچ هيٺ جوابدارن جي انٽرويوز جي اجازت نٿو ڏي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن