اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعنواني کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذ??يواري آهي. هن چيو ته آئين جي آ??ٽيڪ?? 218 جي ذ??لي شق 3 اليڪشن ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنواني کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے