اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ سمورن ادارن جي حدن جو تعين موجود آهي، انهن کي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، چونڊيل نمائندن کي عدالتن ۾ چور، ڌاڙيل ۽ مافيا چيو وڃي ٿو، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون کي ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن به تاريخ ۾ ائين ٿ??و ته ان جو نقصان ملڪ کي ٿيو، سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو معاملو ايوان ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي چ??و ته سمورن ميمبرن آئين جي دفاع جو حلف کنيو آهي، اسپيڪر ۽ مون ٻ?? ٻه ڀيرا حلف کنيو آهي جيڪي هن ايوان ۾ ويٺل آهن اهي 20 ڪروڙ 70 لک عوام جا نمائندا آهن.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش