اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ تر??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئ??ن جي حل لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي علائقي جي عوام جي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي علائقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت س??فران واري مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي علائقن جي تعمير ۽ تر??ي ۽ علائقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قبائلي علائقن جي عوام جي تعمير ۽ تر??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia