ڪراچي – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومون پنهنجي زبان، ت??ريخ، ثقافتي ورثي ۽ تهذيب سان سڃاتيون وڃن ٿيون پر ان مان سڀني کان وڌيڪ اهميت زبان کي حاصل آهي، ايوان صدر ۾ ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ مون اردو لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ??دم کنيا، سڀ کان پهريون ڪم ته مون اهو ڪيو ته پاڪستان جي اندر قومي سطح جو ڪو موقعو هجي يا ٻاهرئين ملڪ عالمي ادارن جون تقريبون ۽ ڪانفرنسون، مون هر موقعي تي اردو ۾ ئي تقرير ڪ??ي. صدر ممنون حسين انجمن ترقي اردو جي تعميراتي منصوبي اردو باغ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اردو کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ سان نوجوان شاگردن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ٿيندو ۽ هو زندگي جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪ??رڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهندا.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس