اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي وار?? شهر اسلام آباد ۾ ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي (ارنا) جي بيورو چيف سيد بهادر حسيني ايسوسيئيٽيڊ پ??يس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خبرن جي مٽاسٽا ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۾ فروغ سان ٻنهي ??ائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ان طرح جي قدمن سان ٻنهي پاسن کان عوام ۾ سڌي سنئين رابطي کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ سفارتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا جي بيورو چيف بهادر حسيني تهران ۾ ارنا جي هيڊ آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي مسعود ملڪ ايندڙ سال ارنا جي صدر آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪندي چيو ته ميڊيا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ايراني خابرو ايجنسي جي بيورو چيف جي اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha