اسلام آباد -27 آڪٽوبر(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي?? آهي، ته گڏيل قو??ن جي سلامت?? ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار ا??ن جو قيام ممڪن ناهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشمير ج?? ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس طرفان جاري پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته 27 آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آهي، 77 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي جيڪو خطي لاءِ هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ باب جي شروعات اهي. هن چي?? ته گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. محمد اسحاق ڊار چي?? ته ڀارتي اختيارين پاران کنيل قدمن سميت علائقي جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون، گڏيل قو??ن جي سلامت?? ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي ريت خلاف ورزي آهن. هن چي?? ته اڄ هي خطو جبر شدت کي برداشت ڪري رهيو ??هي، هزارين سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيل ۾ آهن، 14 سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وئي آهي، ايمرجنسي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارن سخت قانونن تحت ڀارتي فوج کي وسيع اختيار حاصل آهن، جنهن سبب ڀارتي فوج ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ يا مارڻ ۽ ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ جي قدمن م ملوث آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته ڀارت جي سمورن ظالماڻن طريقن باوجود ڪشميري عوام جو جذبو ۽ عزم برقرار آهي ۽ ڪشميري عوام انصاف ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پرا??ن جدوجهد جاري رکي رهيو ??هي. نائب وزيراعظم چي?? ته تازو ئي غيرقانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊيون ٿيون هيون جڏهن ته ڪو به اهڙو قدم جيڪو ڀارت جي آئين جي فريم ورڪ تحت ۽ ڀارتي فوج جي وڏي تعداد ۾ موجودگي ۾ ڪيو ويندو آهي ان کي ڪشميري عوام جي جائز خوداراديت واري حق جي متبادل طور نٿو سمجهي سگهجي. هن چي?? ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعميري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چي?? ته گڏيل قو??ن جي سلامت?? ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار ا??ن جو قيام ممڪن ناهي. هن چي?? ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ ان جي خوداراديت واري هق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن