واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ فلسطين جي حامين مظاهري دوران گولڊن گيٽ پل کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جي اچ وڃ بند رهي. اي ايف پي موجب گذريل ڏينهن سان فرانسسڪو ۾ شهرين غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ۽ شهر جي مشهور پل گولڊن گيٽ برج کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ ??عط?? رهي. فضائي فوٽيج ۾ پل تي ٽريفڪ جي رڪيل رواني کي ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ٻئي رخ ۾ رستا ويران ۽ پوليس جي موجودگي ڏيکاري وئي آهي. مظاهرو ڪندڙن گذريل ڏينهن فلاڊيلفيا ۾ شاهران ۽ شڪاگو جي اوهيئر عالمي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري مسافرن کي ايئرپورٽ ڏانهن پنڌ وڃڻ?? پيو. هوڏانهن ڪينيڊا، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، ڪولمبيا ۽ بيلجيئم ۾ به اسرائيل خلاف مظاهرن جي رٿابندي ڪئي وئي. واضح رهي ته آمريڪا ۾ احتجاج ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي پنهنجي پارٽي اندر اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻ?? پيو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزه م هاڻي تائين گهٽ م گهٽ 33797 شهرين ش??يد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي.
غزه ۾ اسرائيل جي بربريت خلاف سڄي آمريڪا ۾ مظاهرا، ٽريفڪ جي آمد رفت معطل
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم