ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) رو?? جي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف پي مطابق رو??ي صدر گذ??يل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ رو?? طرفان جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 1996ع جو اهو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ??ما??ن کي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو بل گذ??يل مهيني رو?? جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز ??فتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز ??وين جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ ان جي علامتي اهميت آهي. سندن حامين جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي توثيق کانسواءِ معاهدي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کانپوءِ رو?? جي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهدي جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں