گڏيل قومون- 03 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن آٽزم جو شڪار ماڻهن جي وڌ کان وڌ مدد ڪرڻ ۽ معاشري ۾ سندن ڪردار کي همٿائڻ تي ??ور ڏنو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آٽزم جي عالمي آگاهي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چ??و ته اسانکي گهرجي ته معاشري ۾ ان بيماري جو شڪار ماڻهن جي فعال شراڪتداري کي پوري طرح تسليم ڪريون ۽ اهڙن سمورن ماڻهن سان مڪمل سهڪار ڪريون ۽ انهن لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چ??و ته آٽزم جو شڪار ماڻهن کي معذور ماڻهن جي حقن جي ڪنونشن ۽ پائيدار ترقي جي 2030 جي ايجنڊا مطابق پنهنجا حق ۽ بنيادي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي ۽ ماحولياتي ??ڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان اسانکي آٽزم جو شڪار ماڻهن سان، سندن ڪٽنب ڀاتين، سندن سار سنڀال ڪندڙن جي ڪوششن ۽ آٽ??م سان لاڳاپي?? نيٽ ورڪس جي ڪردار کي پڻ تسليم ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria