نئين دهلي-27 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حق?? جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ??ه ڀارت سماجي گروپن ۽ ناقدين کي دٻائڻ لاءِ مني لانڊرنگ جي عالمي قا??ونن کي ذريعن طور استعمال ڪري رهيو آهي، فرانس جي خابرو اداري موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل انڊيا جي چيئرمين آڪر پٽيل ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀارت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد تي نظر رکڻ واري عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جي سفارشن جو غلط استعمال ڪندي غير منافعي بخش سيڪٽر کي دٻائڻ لاءِ ڊريڪونين قا??ونن جوڙڻ وڃي رهيو آهي ۽ تنظيم?? جي فنڊنگ روڪي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته سماجي تنظيمن ۽ ميڊيا جا ادارا وڏي عرصي کان وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت طرفان هراساني جي شڪايت ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به ڀارتيه جنتا پارٽي انهن الزام?? جي ترديد ڪندي آئي آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي مقابلي جي آڙ ۾ ڀارتي حڪومت فيٽف جي سفارشن جو فائدو کڻندي ناقدين کي نشانو بڻايو ۽ انه?? جي آواز کي دٻايو. واضح رهي ??ه ڀارت 39 ملڪ?? جي تنظيم فيٽف جو 2010ع کان ميمبر آهي، هي ??نظيم عالمي سطح تي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگرد?? جي مالي مدد جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي آهي.
ڀارت اينٽي مني لانڊرنگ قانونن کي ذريعي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي: ايمنسٽي انٽرنيشنل
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania