تهران -28 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي فوج جون ”صوبي جي محافظن جي ڍال“ جي نالي سان گڏيل اليڪٽرانڪ جنگي مشقون پڄاڻي تي پهتيون. سعودي ميڊيا مطابق انهن مشقن ۾ فڪسڊ ۽ موبائيل اليڪٽرانڪ زميني ۽ فضائي جنگي نظام جو جائزو ورتو ويو. ايران جي فوج جي ڪمانڊرانچيف ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي جي موجودگي ۾ ملڪ جي مرڪز ۾ هڪ وڏي علائقي ۾ مشقون سرانجام ڏنيون ويون. جنگي منظرنامي ۽ اليڪٽرانڪ جنگي ڪارروائيون انهن گڏيل ۽ خصوصي مشقن جي عمل ۾ آنديون ويون. مشقن ۾ فوج جي چئن اسٽريٽجڪ طاقتن شرڪت ڪئي. انهن مشقن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جي فوج اليڪٽرانڪ جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن حد تائين اڳڀرائي ڪئي آهي. مشقون جمعي تي صبح جو شروع ٿيون هيون، انهي دوران فضائي اڏي لاءِ اليڪٽرانڪ سپورٽ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ويڙهاڪ جهازن ۽ ڊرونز حصو ورتو. انهن گڏيل مشقن جو مقصد ريڊيو ڪميونيڪيشنز ۽ ڊيٽا ٽرانسميشن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي سڌي ريت فراهمي ڪرڻ، ننڍي پئماني تي اڏندڙ شين ذريعي وڏي پئماني تي تباهي وارين ڪارروائين کي انجام ڏيڻ، ??يڊار لاءِ اليڪٽرانڪ پروٽيڪشن آپريشنز ۽ زميني ريڊار ۾ خلل وجهڻ شامل هو. ان کان علاوه ايئر فورس جي ويڙهاڪ جهازن جو استعمال ڪندي ايئر انٽر سيپشن آپريشن ڪئي وئي. آرمي ايوي ايشن اٽيڪ هيليڪاپٽر، جيمنگ آپريشنز، ريڊار ڊيسيپشن ?? اليڪٽرانڪ پروٽيڪشن 5 ڊرونز جو استعمال ڪندي رڪاوٽ ۽ عام طور تي ڌوڪي واريون ڪارروائيون ڪيون ويون.
ايران جون ”صوبي جي محافظن جي ڍال“ جي نالي سان گڏيل اليڪٽرانڪ جنگي مشقون پڄاڻي تي پهتيون
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری