والاريل بيت المقدس- 19 فيبروري (اي پي پي) فلسطين چيو ??هي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو کان ؛لائيسن يا اجازت وٺڻ؛ جي ضرورت ناهي. العربيه اردو مطابق فلسطين جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو ??هي ته آمريڪي انتظاميا سميت سمورا ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري سگهن ٿا. اسان کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي رڪنيت ڏيارڻ لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته بينجمن نيتن ياهو نه رڳو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کي رد ڪري چڪو آهي پر والاريل بيت المقدس سميت اولهندي ڪناري ۾ يهودي آبادڪاري کي واڌ ڏئي فلسطيني رياست جي امڪانن کي نقصان ڏئي رهيو ??هي ۽ هو فلسطيني علائقن کي غزه کان مڪمل طور تي ڌار ڪري رهيو ??هي. واضح رهي ته فلسطين جي پرڏيهي وزارت جو اهو بيان اسرائيلي حڪومت طرفان فلسطيني رياست کي هڪ طرفي طور تسليم نه ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون آيو ??هي.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي: فلسطين
مضمون کا ماخذ : números quina hoje