نئين دهلي-26 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت پنهنجي اولهندي سمنڊ ويجهو واپار?? سامونڊي جهاز ايم وي ڪيم پلوٽو تي مبينه ڊرون حملي بعد عربي سمنڊ ۾ 3 جنگي جهاز بيهاري ڇڏيا آهن. اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ ڀارت?? سامونڊي فوج جي ڌ??اڪ??دار مادي کي ناڪارا بڻائيندڙ ٽيم لائبيريا ۾ رجسٽ??ڊ ايم وي ڪيم پلوٽو جي ممبئي بندرگاهه تي آمد وقت ان جو تفصيلي معائنو ڪيو. ڀارت ج?? سامونڊي فوج عربي سمنڊ ۾ واپاري جهازن تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي انهن جي نگرانيءَ لاءِ پي 81 لانگ رينج پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ گائيڊڊ ميزائل دسٽرائر آءِ اين ايس مورموگاؤ، آءِ اين ايس ڪوچي ۽ آءِ اين ايس ڪولڪته کي خطي ۾ سامونڊي جهاز ت?? تيار حالت ۾ رکيو ويو آهي. ايم وي ڪيم پلوٽو جي عملي جي 21 ميمبرن جو تعلق ڀارت ۽ هڪ جو ويٽنام سان آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ