قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر غزه ۾ اسرائيلي بمباري کان متاثر فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ 20 ٽرڪن کي رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب مصر جي صدارتي ترجمان احمد فهمي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن رفح ٽرمينل ذريعي غزه جي پٽي ۾ انساني امداد جي پائيدار فراهمي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن ان کان اڳ غزه ڪراسنگ کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي م??ر ان جي تصديق ڪئي آهي ته غزه جي پٽي تائين انساني امداد رفح ڪراسنگ ذريع?? گذريندي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته هي امداد ٻنهي ملڪن جي لاڳپايل عملدارن آمريڪا جي نگراني هيٺ عالمي انساني حقن جي گروپن سان تعاون سان فراهم ڪندا. آمريڪي صدر جوبائينڊن رستن جي م??مت جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته امداد جي کيپ کڻي ويندڙ ٽرڪ ممڪن طور اڄ تائين سرحد پار نه ڪري سگهندا، هن ٻڌايو ته هن وقت رفح ڪراسنگ کان غزه ويندڙ رستن جي م??مت ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي بمباري سبب وڏا کڏا پئجي و??ا آهن جيڪي ڀريا پيا وڃن ۽ شايد اڄ جمعي تائين هن روڊ کي سفر جي قابل بڻائي سگهجي.
مصر رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، 20 ٽرڪ امدادي سامان جي کيپ کڻي اڄ جمعي تي غزه پهچندا
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا