گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور اسرا??يل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سعو??ي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرا??يل کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اسرا??يل کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اسرا??يل کي ه??ڻي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اسرا??يل جي غزه جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسرا??يل کي غزه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اسان سان ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اسرا??يل کان فلسطين جي عوام لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ رياض منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آهن پوءِ عالمي برادري خاموش آهي، اسان انسان ناهيون جو اسان جي قتل جي اجازت ڏني وڃي ۽ اسرائيلين جي قتل تي اعتراض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ